دين شناسي

دين شناسي

دين شناسي

دين شناسي (ڪتاب): هي ڪتاب نامور عالم دين، مفسر ۽ خطيب سيد حسين موسويءَ جو لکيل آهي. هن ۾ دين بابت هر معلومات ملي ٿي. ’دين ڇا آهي‘، ’دين جي ضرورت ڪهڙي آهي؟‘ ۽ ’مقصد حيات‘ وغيره جهڙن عنوانن تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. پيش لفظ ۾ سيد عرفان علي نقوي لکي ٿو ته، ”خدا جي پسنديده دين اسلام جي نظر ۾ ڪامياب ۽ سعادتمند انسان اهو آهي، جنهن جي سوچ غلط نه هجي، عمل ڀلا هجن ۽ عادتون سٺيون هجن. انسان جي سعاتمندي جو دارو مدار هنن ٽن صفتن (سوچ، عمل ۽ عادت) ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۾ آهي. دين اسلام انسان جي سوچ صحيح ڪرڻ ۽ صحيح رخ تي هلائڻ لاءِ عقيدا مقرر ڪيا آهن.“
ڊيمي سائيز ۾ 50 صفحن تي مشتمل رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن پاڪستان طرفان 2012ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جنهن قيمت ڪا به نه آهي. ڪتاب ناشر طرفان مفت ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو